حافظ حبيب سنڌي

حافظ حبيب سنڌي

حافظ حبيب سنڌي

حافظ حبيب سنڌي: حافظ حبيب سنڌيءَ جو اصل نالو احتشام الحق ولد محمد عثمان کٽي آهي. هن 22 فيبروري 1954ع تي کٽي محلي، چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مولانا محمد عمر واحداڻيءَ کان حاصل ڪئي. بعد ۾ عربي، فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري مولوي فاضل جو امتحان ڏنو. 1989ع ۾ خانگي طور مئٽرڪ ۽ مدرسه دارالعلوم عثمانيه ٺٽي مان ’سندالفراغ‘ (بي. اي جي مساوي ڊگري) جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1968ع ۾ روزاني مھراڻ حيدرآباد ۾ ‘بزم نونھار’ ۽ ‘بزم شعاع ادب (چوهڙ جمالي) ۾ ڪم ڪرڻ سان ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. 1981ع ۾ دوستن سان گڏجي چوهڙ جمالي ۾ “شاهبندر ادبي سوسائٽي” جو بنياد وڌو، جنھن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ان کانپوءِ ‘العمر ميموريل ايجوڪيشنل اينڊ سوشل ويلفيئر سوسائٽي’ جو بنياد رکي ان جي منظم اعليٰ طور ڪم ڪيو. ان کانسواءِ هن جي ڪافي علمي ۽ ادبي ادارن: ‘سچل سرمست آرٽ سرڪل’ چوهڙ جمالي، ‘تنظيم فڪر و نظر’ سکر، ‘لاڙ ادبي سوسائٽي’، ‘بزم سحر ادب چوهڙ جمالي، ‘رهبر ادبي سوسائٽي سنڌ’، ‘بزم جيلاني ڪيٽي بندر ڪوسٽل سوسائٽي’، ‘ٺٽو هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي’، ‘بزم شعراءِ سنڌ’ ۽ ‘مغلڀين ادبي سوسائٽي’ وغيره، سان وابستگي رهي آهي. ادب ۾ پنهنجي ڀاءُ حزب الله ’مظفر‘ ۽ مولانا محمد عمر کان اصلاح وٺندو رهيو. بعد ۾ مشھور اديب ۽ محقق عزيز جعفراڻيءَ جي صحبت ۾ سندس ادبي اوسر ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: قواعدالخود (اردو مان سنڌي ترجمو 1972ع)، ڪريما فارسي منظوم (سنڌي ترجمو 1973)، پسند نامو (فارسي مان سنڌي ترجمو 1974ع)، نامه حق (فارسي مان سنڌي ترجمو 1975ع)، بدايع منظوم (فارسي مان سنڌي ترجمو 1977ع)، نورالضياء (عربي مان سنڌي ترجمو 1977ع)، حقيقة الفقه (2 ڀاڱا سنڌي ۾ 1978ع)، شجره قادريه (فارسي ۾ 1978ع)، تحفة الطالبين (ٻاراڻو ادب عربي ۾ 1979ع)، شجره مراديه (فارسي ۾ 1979ع)، مقالات شعراء (سنڌي ترجمو 1980ع)، سوانح شاهه يقيق (1986ع)، ڀٽائي جي ڪلام ۾ هنرن جو ذڪر (1993ع)، کتري قوم جي تاريخ (2004ع)، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي- 1994ع)، تاريخ اولياءِ شاهبندر، سٺو مسلمان ڪيئن ٿجي (2005ع)، آدميت احترام آدمي (سنڌي ترجمو 2005ع)، معارف الانوار (2008ع)، حضرت شاهه وجيھه الدين (2015ع)، ٺٽي جا ديني درسگاهه (2015ع)، تحفه محمدي (2019ع) ۽ تلقين السالڪين (2020ع) شامل آهن.


لفظ حافظ حبيب سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.02.22  عيسوي

حافظ حبيب سنڌيءَ 22 فيبروري 1954ع تي کٽي محلي، چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد نور شاهه
حميده کهڙو ڊاڪٽر
ڀرگُو
پير بخش خاصخيلي
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
شيام جئسنگهاڻي
ضياءُ الدين محمد
جيلاني شيخ عبدالقادر
آصفه ڀٽو زرداري
مخدوم محمد اسماعيل سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون